ابوالحسن مسجد

ابوالحسن مسجد: ٻارھين صدي هه جي وچ جي هيءَ مسجد مخدوم ابوالحسن جو مقام- ديهه اين- 69، تعلقي نواب شاهه ۾ واقع آهي. ھن جي اوڀر ۾ حاجي عمر سيٺار ڳوٺ، اتر ۾ 300 ميٽرن تي غلام حسين ڏاھري ڳوٺ، اولهه ۾ 11 ڪلو ميٽرن تي دوست محمد ڀنڀرو ڳوٺ، نوابشاهه جو شھر ھن جي اتر ۾، 35 ڪلو ميٽرن تي ڏکڻ ۾ ابوالحسن مائيز آھي. ھي ماڳ اتر ويڪرائي ڦاڪ 26◦ 30′20″ ڊگريون، اوڀر ڊگھائي ڦاڪ 68◦16′50′′ ڊگرين تي آھي. ھن جي ڊيگهه 7.40 ميٽر، ويڪر 6.10 ميٽر ۽ اوچائي 8 ميٽر آھي. ھن جي اڏاوت ۾ پڪيون سرون، ڪچيون سرون ۽ گارو استعمال ٿيل آھن. مسجد سڳوري مستطيل آھي. مسجد کي اوڀر ۾ ھڪ نوڪدار ونگ سان ھڪ مستطيل چوڪاٺ ذريعي لنگهه ڏنو ويو آھي. مھاڙي وٽ ٽي کڻ ونگاوان مستطيل ۽ ٽي سڌا پانيل ٺھيل آھن. ھر پاسو سادو ۽ درين سان آھي. ٻيڙ ٻني تي برجيون ٺھيل آھن. اڌ پيالي جھڙو ننڍو گنبذ، ڳچ (Drum) جي مٿان ٺھيل آھي. ھن قسم جو گنبذ امير محمود خان مسجد ٺٽي ۾ ٺھيل آھي؛ جيڪو 1629ع ۾ ٺاھيو ويو ھو. مسجد ٻاھران گاري سان لنبي وئي آھي. حجرو اندر مستطيل آھي. ھن کي اتر- ڏکڻ وارين ڀتين تي اونھا
کڻ ونگا (Recessed arch) پانيل ڏنل آھن. جڏھن ته اوڀر ۽ اولهه وارين ڀتين تي خصي ونگن (Blind arched) سان پانيل ٺاھيا ويا آھن. ڪنڊن تي ڪنڊ- جوڙ (squinches) ٺاھي مقبري کي اٺڪنڊو ڪري مٿس ڳچ (Drum) ٺاھيو ويو آھي. اندر به مسجد گاري سان لنبيل آھي. مسجد ٻارھين صدي ھجريءَ جي وچ ڌاري جي ٺھيل آھي، جو ابوالحسن جو مقبرو به انھي دور سال 1165هه ۾ ٺاھيو ويو ھو. ھن وقت مسجد زبون حاليءَ جو شڪار آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو